Showing posts with label MBSahito. Show all posts
Showing posts with label MBSahito. Show all posts
Friends of Moro
Saleem Soomro From Moro Sindh
Zahid laghari,Mehran Laghari,Ali Raza Laghari,Zafar Laghari,Sajid Laghari,Khalid Laghari,Muhammad Bux Sahito, Ayaz Hosho , Amjad Bhatti
Ali Akbar Sahito Teacher
Bahawal Laghari Poet
Aashique Ali Chandio
Ghullam Hussain Bughio
Noor Muhammad Dhiloo
Poetry of Raza Langah of Moro Sindh
اسان جن
اميدن کي
ٽوڙي مروڙي،
اسان جي جوانن جا
بي ڏوهه لاشا،
لتاڙيا ويا لانگ بوٽن جي هيٺان
هي نياڻيون نماڻيون
اسان جون سنڌياڻيون
پنهنجن ڪونڌرن ڪاڻ
روئنديون رهن ٿيون
جنين جي ٻچن کي
ماريو ويو دڳن تي
۽ واڪا انهن جا ٿا
گونجن گگن تي
تڏهن پنهنجا جذبا ته
جاڳي پون ٿا
۽ شينهن جيئان
پوءِ گجگوڙ ڪن ٿا
انهي ويل طوفان
بڻجي اٿون ٿا
۽ ڌرتي جي ويرين سان
اٽڪي پئون ٿا
چاهي پوءِ ٿاڻي
وجهن منجهه گهاڻي
تڏهين اسان جي
لبن تي ترانا
سچائي سندا گونجندا گيت گانا
هي انڌير نگري ٿي نابود ويندي
سچائي ڪڏهن ڀي
نه مئي آ نه مرندي
جيڪو قوم پنهنجي جون
معصوم مرڪون
مفادن جي خاطر لٽيندو رهي ٿو
انهيءَ کي لٽيرو چيو ٿئون ۽ چئبو
هي رنگين شامون
هي رنگين راتيون
اسان جي صحن تي
ڪري رقص آخر
ڪنيا ڪنهن جيئان ڇير ڇمڪائي اينديون
هي آسون اميدون
اسان جون او جانا
انهيءَ رقص تي جهومنديون نچنديون
۽ هي معصوممرڪون
لٽيرن جي چنبن مان آزاد ٿينديون
ڪنول گنگنائيندا ڪينجهر ڪناري
۽ منڇر حسينا جي ڳاڙهي وڳي وانگي
تجلا پئي ڏيندي
نه گهٻراءِ او جانا
هي ڌرتي آزادي سندو روپ وٺندي
هي ڌرتي آزادي سندو روپ وٺندي
ٽوڙي مروڙي،
اسان جي جوانن جا
بي ڏوهه لاشا،
لتاڙيا ويا لانگ بوٽن جي هيٺان
هي نياڻيون نماڻيون
اسان جون سنڌياڻيون
پنهنجن ڪونڌرن ڪاڻ
روئنديون رهن ٿيون
جنين جي ٻچن کي
ماريو ويو دڳن تي
۽ واڪا انهن جا ٿا
گونجن گگن تي
تڏهن پنهنجا جذبا ته
جاڳي پون ٿا
۽ شينهن جيئان
پوءِ گجگوڙ ڪن ٿا
انهي ويل طوفان
بڻجي اٿون ٿا
۽ ڌرتي جي ويرين سان
اٽڪي پئون ٿا
چاهي پوءِ ٿاڻي
وجهن منجهه گهاڻي
تڏهين اسان جي
لبن تي ترانا
سچائي سندا گونجندا گيت گانا
هي انڌير نگري ٿي نابود ويندي
سچائي ڪڏهن ڀي
نه مئي آ نه مرندي
جيڪو قوم پنهنجي جون
معصوم مرڪون
مفادن جي خاطر لٽيندو رهي ٿو
انهيءَ کي لٽيرو چيو ٿئون ۽ چئبو
هي رنگين شامون
هي رنگين راتيون
اسان جي صحن تي
ڪري رقص آخر
ڪنيا ڪنهن جيئان ڇير ڇمڪائي اينديون
هي آسون اميدون
اسان جون او جانا
انهيءَ رقص تي جهومنديون نچنديون
۽ هي معصوممرڪون
لٽيرن جي چنبن مان آزاد ٿينديون
ڪنول گنگنائيندا ڪينجهر ڪناري
۽ منڇر حسينا جي ڳاڙهي وڳي وانگي
تجلا پئي ڏيندي
نه گهٻراءِ او جانا
هي ڌرتي آزادي سندو روپ وٺندي
هي ڌرتي آزادي سندو روپ وٺندي
Subscribe to:
Posts (Atom)

















MBSahito
My sites
TV Channals
Channals