مورو شهر سنڌ جي ان هنڌ تي واقع آهي جتان سکر، دادو ۽ حيدرآباد يا نوابشاه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو.
جاگرافيائي لحاظ سان مورو لڳ ڀڳ سنڌ جي بلڪل وچ ۾ آهي. مورو کي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ هڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. دادو مورو پل، جنهن کي پوءِ مخدوم بلاول پل سڏيو ويو، ان کان ٻارهن ڪلوميٽر پري آهي. مورو کان دادو جو مفاصلو چويهه ڪلوميٽر آهي، جڏھن تھ سنڌو درياءُ مورو کان 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وھي ٿو.
تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ گچيرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، گچيري ۾ پراڻي قلعي جا نشان ملن ٿا جنهن جي چوڌاري بچاءُ لاءِ کاهيون کوٽيل هونديون هيون. مورو قديم زماني ۾ صابڻ، زيورن، ٽامي ۽ ڪُٽ جي سامان کان مشهور هو.
مورو شهر علمي، سياسي ۽ ادبي اعتبار سان تمام گهڻو مشهور آهي. مورو ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سنڌ ۾ چڱو موچارو ناماچار پيدا ڪيو آهي. موري جو قاضي خدا بخش سومرو ڪراچي جو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي، راشد مورائي، عظيم سنڌي،ميڪش سومرو، رکيل مورائي وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن ته موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري، صائمه منظور، بالا بلوچ ۽ ثمينه ڪنول آهن